ادراڪي بيگلار

ادراڪي بيگلار:ادراڪي بيگلار، ترڪ ارغون قبيلي مان هو ۽ هي سنڌ ۾ نصرپور شهر جو رهاڪو هو. سنڌ جي تذڪرن ۽ تاريخ ۾ هن بابت ڪا به معلومات موجود نه آهي. پير حسام الدين راشدي مثنوي چنيسر نامه ۾ لکي ٿو ته: ”ادراڪي بيگلار جو اصل نسل ڇا هو، نالو نشان ۽ پار پتا ڪهڙا هئا. ڪٿي پيدا ٿيو، زندگي ڪيئن گذاريائين وغيره بابت ڪا خبر نه آهي. بيگلار جي نسبت خانداني هيس يا صرف بيگلارن جي گھراڻي سان وابستگي سبب اختيار ڪيائين ادراڪي بيگلار جا پنهنجا تصنيف ڪيل ٻه ڪتابچنيسر نامه‘ ۽ ’بيگ لارنامه‘ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪا آهن، پر ٻنهي ڪتابن ۾ مصنف ڪٿي به پنهنجو ذڪر نه ڪيو آهي. ادراڪي پنهنجي پهرين تصنيف ’مثنوي چنيسر نامه‘ مير ابوالقاسم سلطان جي حڪم تي 1010هه/601ع ۾ لکي مڪمل ڪئي: حساب سال در ليل و نهاري فزون ده بود آندم برهزاري 1010هه ادراڪي بيگلار پنهنجي ٻي تصنيف ’بيگلارنامه‘ نثر ۾ لکي، جنهن ۾ هن مير ابوالقاسم سلطان جي پيءُ امير شاهه قاسم خان زماني جي جنگي معرڪن کي قلمبند ڪيو آهي. اهو ڪتاب هن 1017هه/1608ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ 1034هه/1624ع ۾ ان ۾ خان زمان جي اولاد جو مختصر تذڪرو بطور ضميمي جي شامل ڪيائين. ادراڪي بيگلار 1040هه/1630ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ ادراڪي بيگلارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو